سکر (بيورورپورٽ) سکر پوليس اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

سکر (بيورورپورٽ) سکر پوليس اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب سکر پوليس گذريل ڏينهن لاهور جي شهري کي عورتاڻي آواز ۾ شادي جو لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، لاهور واسي چوڌري امداد کي عورت سان شادي ڪرڻ جي لالچ ڏئي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته اطلاع ملندي ئي سکر پوليس پهچي اسنيپ چيڪنگ دوران جوابدار کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، ترجمان موجب ڄاڻايل شخص جو تعلق پنجاب جي شهر لاهور سان آهي، جنهن جيڪو ايڪسائيز. پوليس پنجاب ۾ رٽائرڊ ڊي ايس پي آهي.