سکر: سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن(سرسو) پاران يونيسيف جي سهڪار سان صحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اتر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سيمينار، بحٿ مباحثا ۽ آگاهي واڪ جو انعقاد ڪيو ويو. سرسو جي ترجمان جمیل سومرو مطابق ان سلسلي ۾ سرسو جي قمبر ۾ واقع ضلعي آفيس، ميرو خان شھر، يونين  ڪائونسل ڪارڙا ۽ ٻين ھنڌن تي جاڳرتا واريون ريلوين ڪڍيون ويون

سکر: سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن(سرسو) پاران يونيسيف جي سهڪار سان صحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اتر سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سيمينار، بحٿ مباحثا ۽ آگاهي واڪ جو انعقاد ڪيو ويو. سرسو جي ترجمان جمیل سومرو مطابق ان سلسلي ۾ سرسو جي قمبر ۾ واقع ضلعي آفيس، ميرو خان شھر، يونين  ڪائونسل ڪارڙا ۽ ٻين ھنڌن تي جاڳرتا واريون ريلوين ڪڍيون ويون. جڏھن تہ تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ٻاجھي خان جتوئي، ۽ تعلقي ڊوڪريءَ جي ڳوٺ گاجي ديرو ۾ پڻ عورت اڳواڻن پاران صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ تقريبون منعقد ڪيون ويون. ان کان علاوہ يونين ڪائونسل سُجاول جي ڳوٺ لال چند جي وانڍ، يونين ڪائونسل اعتبار چانڊيو جي ڳوٺن پنهل ڀٽي ۽ ڳوٺ شاهه پور جماليءَ ۾ بہ صحت جي عالمي جي مناسبت سان مختلف طبي پيچيدگين جي روڪٿام ۽ علاج بابت برادرين ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ خاص طور تي ٻارن وچ ۾ چٽاڀيٽيءَ جا بحث مباحثا منعقد ڪيا ويا. واضح رھي تہ ھلندڙ سال عالمي صحت واري ڏينھن جو  موضوع ”سڀني لاءِ صحت“ طئي ڪيل آھي. صحت جي عالمي جي مناسبت سان يونيسيف جي سهڪار سان سرسو جي عملي تعلقي ميرواھ جي شھر ڏيپارجا ۾ واقع مهراڻ پبلڪ اسڪول ۾  صحت ميلو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي ادارن جي نمائندن، سنڌ جي صحت کاتي جي عملدارن، علائقي جي معززن، صحافين، شگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. ڄاڻايل تقريب ۾ مقررين ماڻهن جي ذهني، جسماني ۽ نفسياتي چڱڀلائيءَ بابت آگاهي وڌائڻ بابت ڳالهايو. سرسو جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر خان محمد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۾ خاص ڪري صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.ڈاکٹر عبدالحلیم سھتو عوام تي زور ڏنو ته اسڪريننگ، ٽيسٽ، علاج ۽ تعليم سڀني لاءِ پرائمري هيلٿ ڪيئر جي سطح تي دستياب ڪئي وڃي. ان موقعي تي رياض حسين ميتلو، غلام اڪبر بوزدار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.