سکر: شهادت حضرت علي عليه السلام جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر سان گڏ وسيم مهر اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي، سيد زاهد حسين شاهه مختيارڪار روهڙي، ڊي ايس پي روهڙي، چيف ميونسپل آفيسر روهڙي، ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن روهڙي ۽ ٻين عملدارن مرڪزي جلوس جي روٽ جو معائنو ڪري سڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن سميت صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ڊي سي سکر ۽ اي سي روهڙي امام بارگاهه جي منتظمين ۽ شيعا تنظيم جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته انتظاميه ماتمي جلوس کي سيڪيورٽي ۽ زائرين جي سهولتن لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ جلوس کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. جڏهن ته ماتمي جلوس واري رستن تي ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سوين پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرز جا جوان پڻ پنهنجون ذميواريون نڀائيندا، ان کان علاوه ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ ايمبولينس به موجود هوندي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي وسيم مهر پاران روهڙي جي شهرين ۽ امام بارگاهه جي منتظمين کي هدايت ڪئي ته روهڙي ۾ ماتمي جلوس دوران مشقوڪ ماڻهن تي نذر رکي وڃي ۽ ڇڪي ماڻهن لاءِ موجود سيڪيورٽي عملدارن کي آگاهي ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏئي سگهجي هن چيو ته فرضن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ سرڪاري عملدارن کي بخش نه ڪيو ويندو،