سکر: نيوپنڊ ٿاڻي جي حد اسلام ڪالوني ۾ 4 نامعلوم هٿياربندن جي گھر ۾ گهري هٿيارن جي زور تي عورتن تي تشدد ڪري ڦر اين سي داخل. تفصيل موجب نئوپنڊ اسلام ڪالوني ۾ چئن هٿياربند مستري مشتاق احمد ٻرڙو جي گھر ۾ گهري گھر ۾ موجود عورتن تي هٿيارن جي زرو تي تشدد ڪري گھر جي الماڙي ۽ پيٽي مان ڏيڍ ٽولا سونا زيور ۽ هڪ لک 50 هزار ڪيش رقم کڻي فرار ٿي گھر ڌڻي مشتاق احمد ٻرڙو ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ گھر ۾ منهنجي گھر واري ۽ معصوم ٻار گھر ۾ اڪيلا هئا. منجهد 2 وڳي نامعلوم 4 هٿياربند گھر ۾ گهري سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي ۽ منهنجي گھر واري تي تشدد ڪري فرار ٿي ويا آهن جنهن جو اطلاع حد جي ٿاڻي نيوپنڊ تي ڏنو آهي اين سي داخل ڪرائي آهي آءُ ماربل ۽ جاين جو مستري آهيان مان پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل ٿو ڪريان ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.