سکر :پوليس جي سرپرستي هيٺ هلندڙ آڪڙا پرچي ۔تاس پتا جوا سميت ٻي جوا سبب سکر شهر ۾ سماجي براين ۾ واڌ تي شهري حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو،ان سلسلي ۾ سکر شهر ۾ سماجي براين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

سکر :پوليس جي سرپرستي هيٺ هلندڙ آڪڙا پرچي ۔تاس پتا جوا سميت ٻي جوا سبب سکر شهر ۾ سماجي براين ۾ واڌ تي شهري حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو،ان سلسلي ۾ سکر شهر ۾ سماجي براين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. سکر پوليس سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي، انهن دعوائن جي باوجود سکر شهر ۾ پوليس اهلڪارن جي سرپرستي ۾ جوا جو مرڪز بڻيل آهي، گهنٽا گهر، تانگه اسٽينڊ، افغان پلازه، ڍڪ روڊ، جناح چوڪ، نيم جي چاڙھي، شمس آباد سميت شهر جي مختلف علائقن واري تاڙ، ورڪشاپ روڊ، نئون پنڊ، تنگا اسٽينڊ، پارا ڻوسکر، مائيڪرو ڪالوني، بس ٽرمينل لڳ ڊينٽر ڪالوني،سکر جي مين سبزي منڊي ٽرڪ اڏي ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ آڪڙا پرچي جوا جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته نئون ڳوٺ ۾ جوا جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي۔ پوليس اهلڪارن جي سرپرستي هيٺ ۾ جوا آڪڙا پرچي جي دڪانن تي کلي عام پرچيون ڪٽجڻ وارو عمل جاري آھي، علائقي واسين جي شڪايتن باوجود نيو پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته حد ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز پاران ايس ايس پي سکر جي حڪم تي سماجي براين خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي آھي ته جوا جي اڏن جي سرپرستي ڪندڙ اهلڪار کين فون تي اڳواٽ اطلاع ڏئي ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيندا آهن جنهن سبب جوا جا اڏا هلائيندڙ قانون جي جڪڙ کان بچي وڃن ٿا۔سکر جي ساڃاھ وندن ۽ شھرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته سماجي براين جي ڪاروبار جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کڻي سکر شهر ۾ ڦر ۔جوا سميت ٻين سماجي براين تي ضابطو آڻي سکر کي امن جو شھر بڻايو وڃي۔