سکر: ڀائرن ۽ مڙس جي ڏاڍاين خلاف  سکر جي ڊريها واري علائقي واسڻ عورت حميده ميراڻي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ ڀائرن پنهنجي مائٽ ارباب علي ميراڻي سان شادي ڪرائي هئي

سکر: ڀائرن ۽ مڙس جي ڏاڍاين خلاف  سکر جي ڊريها واري علائقي واسڻ عورت حميده ميراڻي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ ڀائرن پنهنجي مائٽ ارباب علي ميراڻي سان شادي ڪرائي هئي هوء مڙس سان خوش هئي پر ڀائرن محمد حسن ميراڻي. نورحسن ۽ ماٽيلي پيء لياقت علي پئسن جي لالچ ۾ اچي مٿس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي ڪوئٽا واسي پيرسن حاجي شاهنواز سومرو کي چئن لکن ۾ وڪرو ڪري زبردستي پرڻايو هو جنهن مان ٽن ٻارڙن جي اولاد آهي. متاثر عورت حميده ميراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيرسن مڙس حاجي شاهنواز سومرو جون چار شاديون به ٿيل آهن پيرسن مڙس مٿس بلاجواز تشدد ڪري گهر ۾ قيد رکڻ بعد معصوم پٽ محمد يعقوب کسي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن بعد معصوم نياڻي رضيه ۽ محمد ابراهيم سان گڏ دربدري واري زندگي گزارڻ تي مجبور آهيان۔ مڙس حاجي شاهنواز سومرو معصوم پٽ محمد يعقوب نٿو ڏئي نه ئي ٻارڙن جو کيس خرچ به نه پيو ڏئي۔ هن الزام هڻندي ٻڌايو ته  ته ڀائر ۽ ماٽيلو پيء لياقت علي ٻيهر وڪرو ڪرڻ چاهن ٿا انڪار ڪرڻ تي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن خلاف سکر جي قادراپور ٿاڻي تي ۽ سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري۔ هن ڊي آء جي سکر۔ ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته مڙس حاجي شاهنواز سومرو سميت ڀائرن ۽ ماٽيلي پيء خلاف ڪارروائي ڪري کسيل پٽ محمد يعقوب کيس ڏياري انصاف ۽  تحفظ فراهم ڪيو وڃي.