سکر: ڳوٺ علي خان کوسو ۾ پنج ڏينهن اڳ ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويل پنج ورهين جي ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت ڪئيجوابدار خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي خاطري، تفصيل موجب سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان کوسو ۾ ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويل پنج سالن جي ٻارڙي جي وارثن سان پ پ ايم پي اي سيد فرخ شاهه تعزيت ڪئي

سکر: ڳوٺ علي خان کوسو ۾ پنج ڏينهن اڳ ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويل پنج ورهين جي ٻارڙي جي وارثن سان تعزيت ڪئيجوابدار خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي خاطري، تفصيل موجب سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي خان کوسو ۾ ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿي ويل پنج سالن جي ٻارڙي جي وارثن سان پ پ ايم پي اي سيد فرخ شاهه تعزيت ڪئي۔ان موقعي تي ٻارڙي جي وارثن جو چوڻ هو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار قديرکوسو کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو ان کان اڳ به هڪ ٻارڙي جي ٽنگ ڀڃي زخمي ڪري ڇڏيو هو. هڪ عورت کي به زخمي ڪيو هو پر جوابدار جو پيءُ پوليس اهلڪار آهي جنهن ڪري پوليس کيس گرفتار نه ٿي ڪري، ٻارڙي جي وارثن جي شڪايت ٻڌڻ بعد جنهن پ پ ايم پي اي سيد فرخ خورشيد شاهه ايس ايس پي سکر سان رابطو ڪري کيس جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو،بعد ۾ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد فرخ شاهه چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، الله تعاليٰ ٻارڙي جي وارثن کي صبر عطا فرمائي،وڏي وزير مونکي بچت بازار جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو آهي بچت بازارن ۾ اٽي سميت ٻيو سامان رعايتي اگھن تي عوام کي فراهمي جاري آھي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورن کي به جلد اٽو فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو۔