سکر : ۾ وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات وڪري، قتل، اغوا، ڦرن ۽ چورين جي واقعن خلاف سکر جي شهرين جي وڏي انگ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري

سکر : ۾ وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات وڪري، قتل، اغوا، ڦرن ۽ چورين جي واقعن خلاف سکر جي شهرين جي وڏي انگ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين جي هٿن ۾ .ايس ايس پي سنگهار ملڪ ۽ سکر پوليس جي ناقص ڪارڪردگي خلاف بينر کنيل هئا، مظاهري جي اڳواڻي سکر شهري اتحاد جي فضل الرحمان ڀٽو، حفيظ الرحمان ۽ ٻين ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته سکر شهر ڏوهن ۾ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن کان ايس ايس پي سنگهار ملڪ سکر ۾ مقرر ٿيو آهي، واقعن ۾ به اضافو ٿيو آهي، ايس ايس پي سکر جا ٿاڻن تي مقرر ڪيل من پسند ايس ايڇ اوز جي لاپرواهي ۽ رشوت عيوض ڏوھن ٿي رهيا آھن، جيڪڏهن ماڻهو يرغمالي جي بازيابي لاءِ پئسا ڏئي ته پوءِ پوليس جو ڪم ڪهڙو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته،ايس ايس پي  سکر جي سياستدانن، واپارين، صحافين، وڪيلن، برادري سان وڙهندي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سياست ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سکر ۾ جيڪي به غيرقانوني ڪارروايون ٿي رهيون آهن سي ٿاڻن جي انچارجن جي سرپرستي ۾ ٿي رهيون آھن آهن، ڪراچي کان پنجاب ويندڙ سمورو غير قانوني سامان به پوليس جي نگرانيءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي ٿو. سکر جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ جيڪا منشيات سرحدي علائقن مان  اچي  ٿي، جن ۾ پان پراگ، گٽڪا، ايراني تيل، چرس، آئس ، آفيم، اهي سڀ عام شهر ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جنهن تي هڪ ٿاڻي جو 60 لک روپين جو ٽرن اوور آهي. 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل ٽي نوجوان غريب هئڻ سبب اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن، ايڪسائيز ڪالوني سکر جو رهواسي نوجوان کي لاپتا ٿئي هڪ مهينو گذري ويو پر ايس ايس پي اڃا تائين سندن وارثن سان ملڻ جو وقت نه ڏئي سگهيو آهي جڏهن ته  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل واري معاملي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي ۽ ڪيترا اهڙا ماڻهو روئي رهيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي۔ مظاهرين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته  ايس ايس پي کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري سکر جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ ايس ايس پي سکر جي آفيس اڳيان تاريخي ڌرڻو پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ سکر جي سياسي ۽ مذهبي پارٽين، واپاري برادري، وڪيل، صحافي، سول سوسائٽي جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.