سکر: ۾ ڀنگي محلا مان نوجوان ڇوڪري مبينا طور اغوا، وارثن پاران احتجاج، خبرموجب: بالميڪي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مبينا اغوا ڄاڻايل 16 ورهين جي ڇوڪري ريا ڪماري جي والد پرديپ ڪمار، ماءُ چندا ڪماري، دنيش، ونود، پيارو لعل ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ ريا ڪماري پاڙي جي بيوٽي پارلر تي وئي جتان کيس زاهد قريشي پنهنجي ساٿين سميت اغوا ڪري کڻي ويو آهي، جوابدار بااثر هجڻ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري بااثر جوابدار اسان کي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.