شھدادپور لڳ لنڊو ريلوي اسٽيشن جي مقصودو رند روڊ واري ڦاٽڪ تي المناڪ حادثو پيش آيو، جتي ذهني مريض ڀاءُ کي خودڪشي کان بچائيندي ٻه سڳا ڀائر ٽرين هيٺ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.اطلاعن موجب پنجاپ کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس جي گذرڻ دوران ڳوٺ رجب علي زرداري جا رهاڪو غلام علي بروهي ۽ محمد علي بروهي پنهنجي ذهني مريض ڀاءُ کي ٽرين اڳيان اچڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هو پاڻ به ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي فوت ٿي ويا.ريلوي پوليس حادثي کان پوءِ ٻنهي ڀائرن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيا. لنڊو ٿاڻي جي پوليس موجب وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي ۽ ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش سندن حوالي ڪيا ويندا.ڳوٺ ۾ فوت ٿيل ٻنهي ڀائرن جي خبر ٻڌڻ سان ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي.