شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي۽ اڳواڻن پاران شھر جي مختلف ڪاروباري تنظيمن۽ ايسو سئيشنزسان ملاقاتن جو سلسلو شھر۾نياڻن کان ڦرن؛اسڪولي ٻارڙن کان موٽر سائيڪلز ڦر خلاف 23 تاريخ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي؛ھندو پئنچائت۽ ڪاروباري تنظيمون شرڪت ڪنديون؛ھن سلسلي شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي سرپرست اعليٰ حاجي حضوربخش مغل ؛صدر ڊاڪٽر مھر چند جي صدارت ۾ ٿي گذري ۽شھري اتحاد جي اڳواڻن وفد جي صورت ۾ ھندو پئنچائت جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون جڏھن ته شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جا اڳواڻ حاجي حضوربخش مغل؛ڊاڪٽر مھرچند؛مسعودعالم سومرو؛عبدالفتاح مغل؛رياض احمد ڏاھاڻي؛اشوڪ سونارو؛ فيض محمد لوھر؛حافظ سليم اللله خلجي؛آغا عبدالفتاح پٽاڻ ميٽنگ توڙي شھر ۾ گشت ڪري شھر جي ڪاروباري تنظمن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري نياڻين کان ڦر جي واقعن ؛ اسڪولي شاگردن سميت شھر ۾ چورين ۽ بدامني خلاف 23:02:2023 خميس ڏينھن لائبريري چوڪ تي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ۽ آگاھي ڏني؛؛شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻن چيو ھندو پئنچائت ۽ شھر جي ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن 23 فيبروري جي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت جي يقين دھاني ڪرائي آھي؛؛۽ سڀاڻي ڊسٽرڪٽ بار جي اڳواڻن سان مالاقاتون ڪندا..