صدر طرفان چونڊن جي تاريخ جو اعلان: اليڪشن ڪميشن سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: صدر عارف علوي طرفان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي چونڊن جي تاريخ جي اعلان تي اليڪشن ڪميشن سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو.صدر عارف علوي 9 اپريل آچر جي ڏينهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي. صدر اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 57/1 جي تحت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو.اهڙي اعلان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن سڀاڻي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ صدر طرفان چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو جائزو ورتو ويندو.ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته صدر عارف علوي طرفان خط ملڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن قانون موجب فيصلو ڪندو.