ڪراچي (ڪاروباري رپورٽر): عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ۽ آمريڪي ناڻي جي مضبوطي سبب مقامي صرافا مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اڄ به نمايان لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان صرافا ايسوسيئيشن موجب، 24 ڪيريٽ في تولو سون جي قيمت وڌيڪ هيٺ اچي وئي آهي جڏهن ته 10 گرام سون جي اگهه ۾ به واضع گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. صرافا بازارن ۾ مسلسل اگهه گهٽجڻ سان زيورات جي خريداري جو عمل تيز ٿي ويو آهي.
مارڪيٽ ماهرن جو خيال آهي ته رپئي جي بحالي سون جي مارڪيٽ تي مثبت اثر وڌا آهن.
ذريعو: آل پاڪستان صرافا اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن (20 نومبر 2026ع)



