عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻڻ کي نظر ۾ رکندي خيبرپختونخواهه سٽيزن سينئر ڊليوري پروجيڪٽ ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ انتظامي سهوليت جي مرڪز لاءِ 4 ڪروڙ 60 لک ڊالرز ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ عالمي بينڪ مشن اعلان ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ 2 سالن جي عمر تقريبن 3 لک ٻار چائلڊ ويلفيئر گرانٽس مان فائدو حاصل ڪندا. انهن جي خدمتن سان جڙيل مالي رنڊڪن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي خاندان کي انهن جي صحت بابت آگاهي سيشن ۾ شرڪت ۽ ان جي نشونما جي نگراني لاءِ 12 هزار 500 روپيه ملندا.پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي پنهياسين چيو ته اهو پروجيڪٽ ٻارن جي نشونما جي گرانٽس کي وڌائڻ لاءِ حڪومت جي مدد ڪندو جيڪو ماءُ تي ٻڌل هوندو.