عبدالرحيم شاھ جيلاني عرف شھيد بادشاه جي 97 ساله عرس مبارڪجون تقريبون ٻئي ڏينھن به جاري

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر۔ شھر ۾ علائقي جي صوفي بزرگ سيد عبدالرحيم شاھ جيلاني عرف شھيد بادشاه جي 97 ساله عرس مبارڪ جون تقريبون ٻئي ڏينھن به جاري رھيون۔ ھن ورسي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن ڪشمور۔ بڊاڻي۔ بخشاپور۔ ڪنڌڪوٽ۔ ٺل۔ ڪرمپور ۽ جيڪب آباد سميت ڀر ڀاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن مان سوين پانڌيئڙن شرڪت ڪئي۔ ورسي ميلي جي ٻئي ڏينھن تي صوفياڻي تقريب ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن خيرپور۔ ڪنڌڪوٽ۔ ڪرمپور مان نامور ڳائڻن پوپٽ ملھار۔ الستي فقير۔ سيد راشد شاھ جيلاني۔ شعيب چنو ۽ گل حسن ٿھيم صوفياڻه ڪلام ڳائي آيل عوام کي روحاني سڪون پھچايو۔ علائقي جي نامور شاعر ۽ سگھڙ سيد سرفراز شاھ پنھنجي نڪور شاعري ۽ بيت ٻڌائي خوب داد وصول ڪيو۔ ان موقعي تي ميله ڪميٽي طرفان آيل عقيدتمندن لا۽ لنگر جو بندوبست به ڪيو ويو۔