علي امين گنڊاپور جي مولانا فضل الرحمان ۽ گورنر تي سخت تنقيد

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، مولانا فضل الرحمان تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو ڪڏهن به حق جو ڪلمو نه پڙهندو.صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته:مولانا فضل الرحمان 26هين آئيني ترميم ۾ پئسا ورتا ۽ ووٽ ڏنا.اسان جي پارٽي مولانا جي پٺيان نمازون پڙهندِي رهي پر هن حڪومت جو ساٿ ڏنو.عورت جي حڪمراني کي حرام چوندڙ مولانا، ڊيزل جي پرمٽ ۽ سياست جي فائدي لاءِ پنهنجو موقف تبديل ڪندو رهيو.ڊيره اسماعيل خان ۾ سندس ضمانت ضبط ٿي ۽ بلوچستان مان فارم 47 ذريعي کٽيو.مولانا هميشه وڏن جو حڪم مڃي ٿو ۽ “نوٽ وکها ميرا موڊ بني” واري پاليسي تي هلندو آهي.ان موقعي تي جڏهن هڪ صحافي پڇيو ته “اوھان مولانا تي پئسا وٺڻ جو الزام لڳائي رهيا آهيو، ڇا اهو پهريون ڀيرو آهي؟” ته گنڊاپور جواب ڏنو:”مولانا ووٽ ڇو ڏيندو؟ يقيناً پئسا ئي ورتا هوندا.”گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تي تنقيدعلي امين گنڊاپور، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تي به تنقيد ڪندي چيو:گورنر جو ڪم صرف آئيني آهي، پر فيصل ڪريم ڪنڊي پيپلزپارٽي جو انفارميشن سيڪريٽري کان وڌيڪ ڪجھ به ناهي.مون کيس بار بار پيغام اماڻيو ته سياست ۾ مداخلت نه ڪري.مان کيس خيبرپختونخواهه مان ڪڍي سگهان ٿو، ڇو ته گورنر هائوس به حڪومت جي ملڪيت آهي.مون اسلام آباد ڪي پي هائوس مان فيصل ڪريم کي ڪڍيو ۽ هو اڄ تائين اتي واپس نه وڃي سگهيو.سياستدانن تي ڇوههگنڊاپور چيو ته:
“پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو سياستدان پيٽرول، سرڪاري گاڏي ۽ سيڪيورٽي گارڊ لاءِ مرندا آهن، ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي به انهن مان هڪ آهي.”