عمران خان جي صحت بابت رپورٽ: ورٽيگو ۽ ٽينائٽس جي بيمارين جي تشخيص

راولپنڊي: باني پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جي جيل ۾ ٿيل طبي معائني دوران کين ورٽيگو (Vertigo) ۽ ٽينائٽس (Tinnitus) جي بيمارين جي تشخيص ٿي آهي۔گذريل مهيني آگسٽ ۾ دهشتگردي مخالف عدالت جيل انتظاميا کان عمران خان جي صحت بابت رپورٽ گهري هئي، جنهن کي هاڻي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو ويو آهي۔ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عمران خان ۾ ٻنهي بيمارين جون علامتون موجود آهن۔برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب، طبي ماهرن جي راءِ به رپورٽ ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۾ شديد ڊپريشن جو خطرو به موجود آهي۔ماهرن مطابق، جيتوڻيڪ ورٽيگو ۽ ٽينائٽس عام طور گهڻيون خطرناڪ بيماريون ناهن، پر خاص حالتن ۾ اهي ڪنهن وڏي بيماريءَ جي شروعاتي علامتون ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ⁠تہ ٻنهي جو دماغي صحت سان سڌو تعلق آهي۔ورٽيگو کي طبي ٻولي ۾ بنائن پوزيشنل پراڪسيزمل ورٽيگو (BPPV) سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ مريض کي بيهڻ، ويهڻ يا هلڻ دوران چڪر اچن ٿا ۽ لڳي ٿو ڄڻ توازن وڃائي ڪري پوندو۔ عام طور تي هي مسئلو ڪنن جي بيماري ’ٽينائٽس‘ جي ڪري ٿيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن فالج، بيلز پالسي يا دماغي ٽيومر جو به اشارو ٿي سگهي ٿو۔ساڳي ريت ٽينائٽس ۾ مريض کي ڪنن مان لڳاتار شور، گهنٽين، گونج يا عجيب آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي خاص طور تي سناٽي ۾ وڌيڪ تيز محسوس ٿين ٿا۔ هي بيماري به ڪجهه حالتن ۾ وڏي دماغي بيماريءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ورٽيگو ۽ ٽينائٽس جو مسئلو هڪ مهيني کان وڌيڪ علاج باوجود برقرار رهي يا ان ۾ تيزي اچي، ته اها ڪنهن وڏي بيماري جي علامت ٿي سگهي ٿي۔