لاهور : جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٻنهي ڀينرن کي اشتهاري قرار ڏيڻ واري ڪارروائي کي روڪي ڇڏيو آهي عدالت ان سلسلي ۾ اڳ کان جاري حڪم ملتوي ڪري ڇڏيا دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل خان عليما خان ۽ عظميٰ خان خلاف پوليس طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ٻئي عورتون عبوري ضمانت تي آهن جنهن جي خبر نه هجڻ جي آڌار تي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي. جاچ آفيسر جي اهڙي بيان تي عدالت ٻنهي ڀينرن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو حڪم ملتوي ڪري ڇڏيو ياد رهي ته گذريل ڏينهن عدالت عمران خان جي ٻنهي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان سميت تحريڪ انصاف جي 22 اڳواڻن کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي هئي.