عمران خان کي گاڏي مان لاهي عدالت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي، جج اتي ئي حاضري قبول ڪن: شاهه محمود قريشي

لاهور: پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان عدالت جي حدن ۾ موجود آهي، جج يقين ڪري وٺن.شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته عمران خان کي گاڏي مان لاهي عدالت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي، انڪري ججن کان درخواست ٿي ڪجي ته عمران خان جي حاضري کي قبول ڪيو وڃي.هن چيو ته عمران خان عدالت جي حدن ۾ موجود آهي، پنجاب حڪومت فول پروف سيڪيورٽي جو واعدو پورو نه ڪيو.ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي لاهور هاءِڪورٽ 5 وڳي عدالت طلب ڪيو هو پر هو عدالت جي حدن ۾ ئي موجود آهي.