غوثپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ڳوٺ فوجو لولئي ۾ اوچتو گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود گهر ڌڻي پيرسن لوهر لولئي پٽ محمد

غوثپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ڳوٺ فوجو لولئي ۾ اوچتو گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود گهر ڌڻي پيرسن لوهر لولئي پٽ محمد لولئي ٽئير ۽ گيڊر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن چنگچي رڪشا تي کڻائي غوثپور جي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو پيو ويو ته زخمي پيرسن لوهر لولئي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي م فوت ٿي ويو ۔ فوتي پيرسن جنهن جو لاش گھر پھچڻ تي سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ سندس پوڙھي زال بيھوش ٿي ويئي