فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ فرانس سخت مقابلي کانپوءِ پيراگوئي کي 0-1 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.ميچ جو واحد گول فرانس جي اسٽار فارورڊ ڪيليان ايمباپي 70هين منٽ ۾ پينالٽي ڪڪ ذريعي ڪيو. هن گول سان ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ايمباپي جي مجموعي گولن جو انگ 7 ٿي ويو.سخت گرمي سبب ميچ جي رفتار ڪجهه سست رهي، جڏهن ته پهرين هاف دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو، ڪيترائي فاؤل ۽ تلخ جملي بازي ڏسڻ ۾ آئي. پهرين هاف ۾ مجموعي طور صرف 5 شاٽ لڳا، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جو گڏيل متوقع گولز (xG) 0.20 رهيو، جنهن ۾ پيراگوئي جو 0.05 ۽ فرانس جو 0.15 شامل هو.