خيرپور :فريڊرڪ ايبرٽ اسٽفٽنگ (ايف اي ايس) پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نيلز هيگوچ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر نيلز استادن ۽ شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ وائيس چانسلر جي ڪوششن کي ساراهيو. انهن تعليم ۽ تحقيق جي فروغ لاءِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هڪ پروقار تقريب ۾ “سماجي اتحاد، جمهوري ثقافت ۽ موسمي انصاف کي فروغ ڏيڻ” جي موضوع تي هڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو. هن تقريب جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر نيلز خاص مهمان هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو شاگردن جي صلاحيتن ۾ واڌاري لاءِ ايف اي ايس پاڪستان ۽ ڀٽائي سوشل واچ ۽ ايڊوڪيسي (بسوا) خيرپور جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منصوبي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ابوپوٽو چيو ته استادن ۽ شاگردن جي سهڪار سان موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي تباهي کي گهٽائڻ لاءِ مختلف سيشنز منعقد ڪيا ويندا. ڊاڪٽر نيلز هيگوچ چيو ته اسان سماجي جمهوريت جي واڌاري ۽ تڪرار جي حل لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان برساتن ۽ ٻوڏن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. يونيورسٽي جي شاگردن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي. هن چيو ته هي يونيورسٽي سمورن مثبت پهلوئن سان بهترين آهي. ايف اي ايس پاڪستان جي عبدالله دايو هن منصوبي جي مقصدن بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته اسان علمي ڳالهين ۽ مذاڪري کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. مون کي اميد آهي ته هن منصوبي کي عملي طور تي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڊائيلاگ جي فروغ لاءِ قدم کنيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز چيو ته هن منصوبي جي مدد سان سماجي هم آهنگي کي فروغ ملندو. بسوا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خادم حسين ميراڻي يونيورسٽي ۾ مڪمل ٿيندڙ منصوبي بابت ڄاڻ ڏني. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ قائم پيس ڪارنر شاگردن جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ لاء هڪ قابل عمل پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. ايندڙ منصوبو هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هوڏانهن سماجي جمهوريت جا بنياد ترقي پذير ملڪن لاءِ ترقيءَ جو رستو“ تي هڪ توسيعي ليڪچر اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سينٽر ۾ منعقد ڪيو ويو. ليڪچر پروگرام جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر نيلز هيگويچ ليڪچر ڏنو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نيلز هيگويچ چيو ته سماجي جمهوريت جو بنياد سماجي انصاف، ايڪتا ۽ برابري تي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ تعاون کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته سماجي جمهوريت سان تڪرار جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته سماجي جمهوريت جو تصور 19هين صدي ۾ يورپ ۽ جرمني ۾ شروع ڪيو ويو. ڊاڪٽر نيلز چيو ته سماجي جمهوريت جي مدد سان اسان پنهنجي لاڳاپن کي هم آهنگي جي بنياد تي فروغ ڏئي سگهون ٿا. شاگرد سماجي قدرن جي واڌاري جو مکيه ذريعو آهن. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري چيو ته تعليم سماجي جمهوريت، رواداري ۽ هم آهنگي جو بنياد آهي. اسان کي رياست جي تعمير ۽ امن جي فروغ لاءِ سماجي قدرن ۽ اصولن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن يونيورسٽيءَ ۾ گڏيل نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ڪوششن کي ساراهيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نيلز يونيورسٽيءَ جي موسمياتي تبديلي ۽ امن ۽ رواداري سوسائٽيز سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان جي موسم جي تباهڪارين جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي تي غور ڪيو ويو ۽ سماج ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. عبدالله دايو ۽ اسٽوڊنٽ سوسائٽيز سينٽر جي انچارج علي رضا لاشاري ليڪچر پروگرام ۽ سيشن ۾ ماڊريٽر جا فرائض سرانجام ڏنا. ليڪچر ۽ سيشنز ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ صوفي موسيقي جي محفل پڻ منعقد ڪئي وئي.