فيفا ورلڊ ڪپ 2026: انگلينڊ ميزبان ميڪسيڪو کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ دلچسپ مقابلي کان پوءِ ميزبان ميڪسيڪو کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن سان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. هن شڪست سان ميڪسيڪو ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيندڙ ٻي ميزبان ٽيم بڻجي وئي.

انگلينڊ جي فتح ۾ جوڊ بيلنگهم اهم ڪردار ادا ڪندي ٿوري ئي وقت اندر ٻه گول ڪيا، جڏهن ته ڪپتان هيري ڪين پنالٽي تي هڪ گول ڪري ٽيم جي برتري مضبوط ڪئي.ميڪسيڪو جي طرفان جوليان ڪوئينونيس ۽ راؤل خيمينيز هڪ، هڪ گول ڪيو، پر ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيا. ٻئي هاف دوران انگلينڊ جي جيرل ڪوانساه کي خطرناڪ ٽيڪل سبب ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر موڪليو ويو، جنهن کان پوءِ انگلينڊ ڏهه رانديگرن سان ميچ مڪمل ڪيو.بعد ۾ اينٿني گورڊن تي فاؤل ٿيڻ سبب انگلينڊ کي پنالٽي ملي، جنهن کي هيري ڪين ڪاميابي سان گول ۾ تبديل ڪيو. وي اي آر جي جائزي کان پوءِ ميڪسيڪو کي پڻ پنالٽي ملي، جنهن تي راؤل خيمينيز گول ڪري مقابلو دلچسپ بڻايو، پر انگلينڊ آخر تائين پنهنجي برتري برقرار رکي فتح حاصل ڪئي. هاڻي ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جو مقابلو ناروي سان ٿيندو.