رپورٽن موجب فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ رائونڊ آف 32 جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ناڪ آئوٽ اسٽيج جو ايندڙ دور يعني رائونڊ آف 16 شروع ٿي ويو آهي.اطلاعات مطابق جمعي جي رات رائونڊ آف 32 پنهنجو سفر مڪمل ڪيو، جنهن کانپوءِ 16 بهترين ٽيمن ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. اڄ 4 جولاءِ کان رائونڊ آف 16 جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، جيڪي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندا.هن ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ هارائڻ واريون ٽيمون ٽورنامنٽ مان ٻاهر ٿي وينديون، جڏهن ته کٽندڙ ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. مجموعي طور تي 8 ٽيمون ڪوارٽر فائنل تائين پهچنديون، جن مان پوءِ صرف 4 ٽيمون سيمي فائنل ۾ جاءِ حاصل ڪنديون.ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽورنامنٽ جي اڳڀرائي سان گڏ مقابلا وڌيڪ سخت ۽ دلچسپ ٿيندا پيا وڃن، ۽ هر ميچ انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي۔