فيفا ورلڊ ڪپ 2026: ٽئي ميزبان ٽيمون پري ڪوارٽر فائنل ۾ ٻاهر، ٽائيٽل جو خواب ختم

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ميزبان ملڪن جو عالمي ٽائيٽل کٽڻ جو خواب پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ ئي ختم ٿي ويو. آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ٽئي ميزبان ٽيمون شڪست کان پوءِ ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويون.پري ڪوارٽر فائنل ۾ بيلجيم آمريڪا کي 4-0 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. آمريڪي ٽيم ان کان اڳ هڪ رانديگر جي سزا بابت تڪرار سبب به خبرن ۾ رهي، پر ميدان ۾ بيلجيم آڏو ڪا مزاحمت نه ڪري سگهي.ان کان اڳ ڪينيڊا جي ٽيم مراڪش هٿان 3-0 تان هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿيندڙ پهرين ميزبان ٽيم بڻي.ٻئي طرف انگلينڊ دلچسپ مقابلي کان پوءِ ميڪسيڪو کي 3-2 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جڏهن ته ميڪسيڪو به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو. اهڙي طرح ٽنهي ميزبان ملڪن جو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو خواب چڪناچور ٿي ويو.