فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کان استعيفيٰ جو مطالبو

فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريC ملڪ جي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.اي آر واءِ نيوز موجبي نائب صدر ناصر خان چيو آهي ته ملڪ کي هن وقت اهڙي ناڻي واري وزير جي ضرورت آهي جيڪو هڪ ماهر معيشتدان هجي ۽ بينڪن جي ڪارٽيل کي ٽوڙي سگهي.هن الزام لڳايو ته بينڪن جي پاليسين سبب ملڪ ۾ ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ نه ٿي رهي آهي. سندس چوڻ موجب بينڪ مناسب جاچ ۽ دستاويزن کان سواءِ اڪائونٽ کولين پيا، جنهن ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن.ناصر خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت انهن ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي ٿي ته هر سال 4 کان 6 هزار ارب رپيا اضافي قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.هن اهو به چيو ته فيڊرل بورڊ آف ريويني گذريل 20 سالن کان ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ نجي شعبي خلاف ا 99 سيڪڙو ڪيس ٽربيونلز ۽ اعليٰ عدالتن ۾ بي بنياد ثابت ٿيا آهن.ناصر خان موجب حڪومت کي سود جي مد ۾ لڳ ڀڳ 8 هزار ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن، جڏهن ته وڌيڪ 6 هزار ارب رپيا قرض ورتو پيو وڃي، جنهن سبب ايندڙ سال سود جي ادائيگيون 9 هزار ارب رپيا تائين پهچي سگهن ٿيون.