اسلام آباد: سينيٽ قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي.قرارداد سينيٽر طاهر بزنجو پيش ڪئي جنهن جي متن موجب ملڪ ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي پر سموريون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ ضروري آهن.قرارداد موجب صرف پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ سان ٻين ننڍن صوبن تي منفي اثر پوندا. جڏهن ته قومي ۽ سمورين صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ سان وفاق مضبوط ٿيندو. ملڪ وڌيڪ سياسي عدم استحڪام برداشت نٿو ڪري سگهي. اسان کي هڪ ٻئي خلاف جهيڙي بجاءِ ملڪي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سينيٽر مشتاق احمد چيو ته پاڪستان ۾ چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن. پر آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن ان ڪري ٻين اسيمبلين کي به ٽوڙيو وڃي ۽ سموري ملڪ ۾ فوري طور تي چونڊون ڪرايون وڃن.سينيٽ اجلاس دوران اپوزيشن طرفان گوڙ ڪندي تحريڪ انصاف جي سينيٽرز چيئرمين جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو.