لاهور ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي سمورن نون تعليمي بورڊن ميٽرڪ جي پهرئين سالياني امتحان 2026 جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن. شاگرد هاڻي پنهنجا نتيجا ٽن مختلف طريقن سان حاصل ڪري سگهن ٿا.
سرڪاري انگن اکرن موجب لاهور بورڊ تحت 2 لک 82 هزار 308 اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي، جن مان 1 لک 82 هزار 186 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪامياب قرار ڏنا ويا.سائنس گروپ ۾ مجموعي ڪاميابي جو تناسب 69.23 سيڪڙو رهيو. هن گروپ ۾ 2 لک 17 هزار 482 اميدوارن امتحان ڏنو، جن مان 1 لک 19 هزار 81 ريگيولر ۽ 98 هزار 401 پرائيويٽ اميدوار هئا، جڏهن ته مجموعي طور 1 لک 50 هزار 566 اميدوار ڪامياب ٿيا.ريگيولر اميدوارن جي ڪاميابي جو تناسب 82.50 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته شاگردياڻين 87.16 سيڪڙو ڪاميابي سان نمايان برتري حاصل ڪئي. ريگيولر شاگردن جي ڪاميابي جي شرح 76.84 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.ٻئي طرف پرائيويٽ اميدوارن جي مجموعي ڪاميابي 53.18 سيڪڙو رهي. پرائيويٽ شاگردياڻين جي ڪاميابي 64.61 سيڪڙو، جڏهن ته پرائيويٽ شاگردن جي ڪاميابي جي شرح 43.11 سيڪڙو رهي.نتيجو ڏسڻ جا ٽي طريقا1. آفيشل ويب سائيٽ:
شاگرد BISE لاهور جي سرڪاري ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجو رول نمبر داخل ڪري نتيجو حاصل ڪري سگهن ٿا. رزلٽ سيڪشن ۾ 10th Class First Annual Examination 2026 چونڊي رول نمبر داخل ڪرڻ سان نتيجو ظاهر ٿي ويندو.2. ايس ايم ايس ذريعي:
جيڪڏهن انٽرنيٽ موجود نه هجي ته شاگرد پنهنجي موبائل تان صرف رول نمبر لکي 800291 تي ايس ايم ايس موڪلي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ بورڊ طرفان نتيجو موڪليو ويندو.3. رزلٽ گزيٽ:
بورڊ پاران رزلٽ گزيٽ پڻ جاري ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀني اميدوارن جا نتيجا شامل هوندا. شاگرد، استاد ۽ تعليمي ادارا رول نمبر يا جتي سهولت موجود هجي، نالي ذريعي به نتيجا ڏسي سگهن ٿا.