لاهور :شهر ۾ برسات 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. 10 ڪلاڪن دوران 291 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مختلف حادثن دوران 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. تفصيل موجب صبح 4 وڳي کان شروع ٿيندڙ تيز برسات لاهور شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، شهر جي اهم روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو.سڄي شهر جي هڪ درجن کان وڌيڪ علائقن ۾ 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته گذريل سال 2002 ۾ لاهور ۾ 238 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي. لاهور جي ڪمشنر محمد علي رندهاوا ٻڌايوته ان کان اڳ 2018 ۾ لاهور ۾ 288 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي. گذريل 30 سالن دوران لاهور ۾ ايتري گهٽ وقت ۾ برسات ناهي پئي.ايم ڊي واسا غفران احمد چيو ته برسات رڪجڻ جي ڪجهه ڪلاڪن دوران ئي سمورا هيٺاهين وارا علائقا ڪليئر ڪياويندا. سسٽم پنهنجي وس آهر پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. برسات کان پوءِ شهر جي پوش ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جا مسئلا ڏٺا پيا وڃن جڏهن ته روڊن تان واسا جو عملو به غائب ٿي ويو آهي.هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ برسات لڪشمي چوڪ ۾ 282 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جيل روڊ تي 147 ملي ميٽر، ايئرپورٽ تي 130 ملي ميٽر، هيڊ آفيس گلبرگ ۾ 210، اپرمال ۾ 199، مغلپوره ۾ 220، تاجپوره ۾ 249، نشتر ٽائون ۾ 280، چوڪ ناخدا ۾ 205 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ريسڪيو اختيارين موجب مصري شاهه ۾ برسات سبب زبون حال ڇت ڪري پئي جنهن سبب 8 ورهين جي ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نوازش، ڪلثوم ۽ 8 ورهين جي اسد جي نالي سان ٿي. لاشن کي ملبي مان ڪڍي وارثن جي حوالي ڪيو ويو.پوليس موجب چونگي، امرسدهوبوستان ڪالوني ۾ بجلي جي تار ٽٽي روڊ تي ڪري پئي. جنهن سبب رستي تان گذرندڙ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عثمان جي نالي سان ٿي آهي. مقتول جي لاش ڪلاڪن تائين برسات جي پاڻي ۾ پيل رهي.