لاهور: ۾ هيلميٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول نه ملندو

لاهور: ۾ هيلميٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.چيف ٽريفڪ آفيسر جي درخواست تي ڊي سي لاهور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هيلميٽ نه پهرڻ سبب حادثن ۾ مٿي ۾ ڌڪ لڳندو آهي ۽ واقعا تيز ٿي ويا آهن.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوار کي هيلميٽ هجڻ ضروري آهي، نوٽيفڪيشن 1965ع جي موٽر وهيل آرڊيننس تحت جاري ڪيو ويو جيڪو سڀني لاڳاپيل ادارن کي موڪليو ويو آهي.