لاڙڪاڻي: ۾ ون فائيو بيس ٽو جي انچارج جو اهلڪار کان زور ڏيارڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائجي وئي

لاڙڪاڻي :جي ون فائي بيس ٽو جو انچارج سب انسپيڪٽر محمد وارث ڀٽو ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ آفيس ۾ ويھي فائٽر پوليس اهلڪار ضيا الرحمٰن اگهم کان زور ڏيارڻ لڳو. اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ شهرين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇائجي وئي، لاڙڪاڻو پوليس تي ڇتي تنقيد.ان سلسلي ۾ ون فاءِ بيس ٽو لاڙڪاڻو جو انچارج سب انسپيڪٽر محمد وارث ڀٽو طرفان ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ آفيس ۾ ويھي پوليس اهلڪار ضيا الرحمٰن اگهم کان زور ڏيارڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي شهرين طرفان سب انسپيڪٽر کي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي.ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ اڳ ئي بدامني سبب ڦر ۽ چورين جون وارداتون عام آهن ته ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران مقرر بيس ٽو جو انچارج سب انسپيڪٽر محمد وارث ڀٽو شهر جي امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ بجاءِ آفيس ۾ ويھي فائٽر پوليس اهلڪار کان زور ڏيارڻ لڳو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙا لاپرواهي ۽ غفلت ڪندڙ پوليس آفيسر مقرر ڪري شهر جو امن امان هٿ سان خراب ڪيو پيو وڃي.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪندي پوليس اهلڪارن کان زور ڏياريندڙ بيس ٽو جي انچارج کي هٽائي سندس جاءِ تي تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري شهر اندر امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي.ياد رهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ اڳ به انچارج بيس ٽو محمد وارث ڀٽو سميت ڪيترن ئي پوليس آفيسر کي ڊيوٽي ۾ غفلت سبب هٽائي ڇڏيو هو.هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران خان وائرل ٿيل ويڊيو تي نوٽيس وٺندي انچارج ون فائيو سب انسپيڪٽر محمد وارث ڀٽو کي معطل ڪري ايس ايس پي سٽي عتيق الرحمٰن ميڪڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب سب انسپيڪٽر محمد وارث ڀٽو جي وائرل ٿيل ويڊيو ڪافي عرصو پراڻي آهي، انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.