ماجد سٽي قتل ڪيس: فرخ کوکر سميت 3 جوابدارن کي عمر قيد، هڪ جوابدار بري

**راولپنڊي (14 جولاءِ 2026):** ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افشا اعجاز صوفي ماجد سٽي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي فرخ کوکر سميت ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جوابدار وسيم کي ثبوتن جي کوٽ سبب بري ڪري ڇڏيو.

عدالتي فيصلي کان پوءِ عدالت ۾ موجود فرخ کوکر سميت ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. فرخ کوکر ضمانت تي آزاد هو، جڏهن ته ٻين ٻن جوابدارن کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.فيصلي دوران مقتول ماجد سٽي جي وارثن ۽ مائٽن جو وڏو انگ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ موجود هو، جڏهن ته جوابدارن جي حامين پڻ وڏي انگ ۾ عدالت جو رخ ڪيو. امن امان برقرار رکڻ لاءِ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، هٿياربند ماڻهن ۽ گاڏين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ ايندڙ سڀني ماڻهن جي تلاشي ورتي وئي.ياد رهي ته ماجد سٽي قتل ڪيس 8 آگسٽ 2022ع تي ٿاڻو صادق آباد ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌايو.