محبوب توهان جي قدمن ۾ ۽ حڪيمن جي اشتهارن جو هاڻ علاج ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي :جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته محبوب توهان جي قدمن ۾ ۽ حڪيمن جي اشتهارن جو هاڻ علاج ڪنداسين، روڊ خراب ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.شاهراهه فيصل جي بهتري ۽ خوبصورتي جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪجهه سال اڳ تائين شاهراهه فيصل جو خراب حال هو، پ پ حڪومت شاهراهه فيصل جي ڊرينيج نظام کي بهتر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مختلف هنڌن تي نيون ڊرينز وڌيون ويون، گذريل برساتن ۾ شاهراهه فيصل تي پاڻي نه بيٺو.هن چيو ته هاڻ شاهراهه فيصل تي توهان کي سياسي جماعت جو جهنڊو نظر نه ايندو، اسان پنهنجي جماعت سميت سڀني جماعتن جا جهنڊا لاٿا آهن، وال چاڪنگ ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪنداسين، محبوب توهان جي قدمن ۾ ۽ حڪيمن جي اشتهارن جو هاڻ علاج ڪنداسين، روڊ خراب ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.سندس چوڻ هو ته شاهراهه فيصل جي خوبصورتي ۽ بهتري جي منصوبي تي تقريبن 20 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي، منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿيندو، ايئرپورٽ کان ميٽروپول تائين شاهراهه فيصل کي خوبصورت ۽ سرسبز بڻائينداسين، ان سان شهر جو اميج بهتر ٿيندو.