مراد ميمڻ ڳوٺ جي تعليمي منصوبن ۾ ڪروڙين رپين جون بي ضابطگيون، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي جي علائقي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ جاري ٻن وڏن تعليمي منصوبن ۾ ڪروڙين رپين جي مالي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيڻ بعد سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ نديم الرحمان ميمڻ فوري ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٻنهي ٺيڪيدار ڪمپنين خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ، منصوبن جي مالي ۽ انتظامي رڪارڊ جي مڪمل جاچ ڪرڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. ان سان گڏ ٻنهي ٺيڪيدار ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ ۽ سندن سيڪيورٽي رقم ضبط ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا ويا آهن.اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ويو ته اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر قانون ۽ ضابطن جي ابتڙ ٺيڪيدارن کي اڳواٽ ادائيگيون ڪيون، جنهن سبب مالي بي ضابطگين بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.بريفنگ موجب گورنمينٽ گرلز ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ منصوبي جي مجموعي لاڳت 9 ڪروڙ 55 لک 83 هزار رپيا هئي، جنهن مان 8 ڪروڙ 84 لک 21 هزار رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، پر ان باوجود منصوبي جو صرف 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو آهي. اختيارين موجب 5 ڪروڙ 75 لک 5 هزار رپين جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 3 ڪروڙ 9 لک 16 هزار رپين جو ڪم اڃا تائين باقي آهي. سيڪريٽري ڪاليجز معاملي جي شفاف جاچ مڪمل ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.