مصر آسٽريليا کي پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي ۾ پهچي ويو

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي هڪ دلچسپ مقابلي ۾ مصر آسٽريليا کي پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ 2-4 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي (پري ڪوارٽر فائنل) لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته آسٽريليا جو ٽورنامينٽ ۾ سفر ختم ٿي ويو.مقرر وقت ۽ اضافي وقت جي پڄاڻي تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو 1-1 گولن سان برابر رهيو، جنهن کان پوءِ ميچ جو فيصلو پينالٽي شوٽ آئوٽ ذريعي ٿيو. مصر چار جڏهن ته آسٽريليا ٻه پينالٽيون ڪاميابي سان اسڪور ڪيون.مصر جي رانديگر حسام عبدالماجيد فيصلائتي پينالٽي اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي تاريخي فتح ڏياري. هن ڪاميابي سان مصر پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي ۾ پهچي ويو.هاڻي پري ڪوارٽر فائنل ۾ مصر جو مقابلو دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا سان ٿيندو، جتي محمد صلاح ۽ ليونل ميسي جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.