مظفر آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

مظفرآباد: مظفرآباد جي هاءِ ڪورٽ عدالت مخالف بيان تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو.رپورٽ موجب مظفر آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي اسيمبلي رڪنيت ۽ وزيراعظم جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو سندس نااهلي سان گڏ ئي سموري ڪابينه به ختم ٿي ويندي. هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ اهو فيصلو ٻڌايو ۽ کيس عدالت بابت بيان تي ڏوهاري قرار ڏيندي ڪورٽ جي ٻڌڻي ختم ٿيڻ تائين سزا ٻڌائي.عدالت آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي. آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي.