ملير جيل ۾ ڀارتي سفارتي عملي جي پنهنجي قيدين سان ملاقات

ڪراچي: ڪراچي جي ملير جيل ۾ ڀارتي سفارتخاني جي عملي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙين تي گرفتار ڪيل ڀارتي ماهگيرن سان ملاقات ڪئي آهي.ڀارتي سفارتي عملي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙين ۾ گرفتار 30 ڀارتي قيدين سان ملاقات ڪئي.ملير جيل جي ذريعن ٻڌايو ته ڀارتي سفارتي عملي جي 2 ميمبرن کي گهرو وزارت جي حڪمن تي ملاقات ڪرائي وئي، جنهن کانپوءِ ڀارتي سفارتي عملو ڀارتي قيدين سان ملڻ لاءِ پهتو.