ملڪ جي مختلف شهرن ۾ الوداعي چُپ تعزيه جا جلوس، سيڪيورٽي جا سخت انتظام

ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ الوداعي عزاداري جي ڏينهن تي چُپ تعزيه جا جلوس عقيدت ۽ احترام سان برآمد ٿي رهيا آهن۔ جلوسن جي روايتي رستن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ پوليس، رينجرز سان گڏ بم ڊسپوزل اسڪواڊز کي به الرٽ ڪيو ويو آهي۔ ضلعي انتظاميه موجب فول پروف سيڪيورٽي پلان تي عمل ڪيو ويو آهي، روٽن جي سوئپنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايمبولينس ۽ فائر ٽينڊرز کي به تيار رکي ڇڏيو ويو آهي۔ ڪراچي ۾ صبح جو مرڪزي چُپ تعزيه جو جلوس نشتر پارڪ تان برآمد ٿيو، جلوس کان اڳ علامه باقر زيدي مجلس عزا کي خطاب ڪيو۔ اهو جلوس ايم اي جناح روڊ، صدر، تبت سينٽر، عيدگاهه، لائٽ هائوس ۽ بولٽن مارڪيٽ مان ٿيندو روايتي هنڌ امام بارگاهه حسينيه ايرانيان کهارا در ۽ نور باغ مسافر خاني تي اختتام پذير ٿيندو۔ ڪراچي جو ٻيو مرڪزي جلوس ظهر جي نماز کان پوءِ قصر مسيب رضويه سوسائٽي تان نڪري، امام بارگاهه شاهه نجف (مارٽن روڊ) تي ختم ٿيندو۔ جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي۔ ٽريفڪ پوليس جلوسن کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ متبادل رستن جو اعلان به ڪيو آهي، جڏهن ته پنج هزار کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر آهن۔ لاهور ۾ به الوداعي چُپ تعزيه جلوس پانڊو اسٽريٽ، خيمه سعادت تان نڪري، روايتي رستن کان ٿيندو ڪربلا گامي شاهه تي ختم ٿيندو۔ ضلعي انتظاميه ٽريفڪ ڊائيورشن ۽ پارڪنگ جا خاص انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن۔ اسلام آباد ۾ مرڪزي جلوس امام بارگاهه سيڪٽر جي 6 تان برآمد ٿيندو، جتي حفاظتي قدم ۽ ٽريفڪ پلان واضح ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کي متبادل رستا اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ ياد رهي ته چُپ تعزيه عام طور تي 8 ربيع الاول تي ٿيندو آهي، جيڪو امام حسن عسڪري جي يوم شهادت ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ٻن مهينن اٺ ڏينهن جي عزاداري جي خاتمي جي علامت طور ڪڍيو ويندو آهي۔ اها روايت خاص طور تي برصغير جي شهر لکنو سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به هر سال منظم طريقي سان جاري رهي ٿي۔