ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن دوران مختلف واقعن ۾ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. اين ڊي ايم اي موجب خيبرپختونخواهه، پنجاب ۾ برسات دوران 17 ڄڻا فوت جڏهن ته 38 زخمي ٿي پيا.خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ برسات دوران 15 گهرن کي نقصان پهتو. اين ڊي ايم اي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن دوران ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.هوڏانهن موسميات کاتي ڪراچي ۾ وڌيڪ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڇنڇر جي صبح به مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي جنهن سبب شهر جو موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به برسات بعد هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. حيدرآباد شهر جي گدو چوڪ، فتح چوڪ، حالي روڊ، آمريڪن ڪوارٽر ۽ ٽنڊو آغا سميت مختلف علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي بيٺل آهي.حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو جي اڳواڻي ۾ انتظاميا طرفان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.