ملڪ ۾ سون هڪ ڀيرو وري هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون هڪ ڏينهن سستو رهڻ بعد اڄ وري هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ سون في تولو 2800 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 96 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 2400 رپين جي اضافي سان هڪ لک 54 هزار 35 رپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ به سون 19 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد في اونس 1843 تي وڃي پهتو آهي.