ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولي جو اگهه اڄ وري 500 رپيا وڌي ويو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسو سي ايشن موجب هڪ تولي جو ملهه 500 رپيا وڌي هڪ لک 97 هزار رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جو ملهه 429 رپيا وڌي هڪ لک 68 هزار 896 رپيا ٿي ويو.هوڏانهن عالمي سونارڪي بازار ۾ سون جو ملهه 12 ڊالر گهٽ ٿي هڪ هزار 832 ڊالر في اونس ٿيو آهي.