اسلام آباد: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اڃا به اهڙا علائقا آهن جتي کدڙي فقيرن تي ظلم ڪيا وڃن ٿا.اهڙي ڳالهه هن اڄ پائيدار ترقي جي پاليسي اداري ايس ڊي پي آءِ اسلام آباد جي نگراني هيٺ زوم لنگ جي ذريعي ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪئي.هن چيو ته پاڪستان جي پٺ تي پيڙهيل طبقي خاص طور تي کدڙي فقيرن کي جيڪي مسئلا آهن، انهن ۾ مالي مسئلا، عوام ۾ آگاهي ۽ معاشري ۾ قبوليت جو مسئلو سر فهرست آهن.شازيه مري پاڪستاني معاشري جي ان پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پائيدار ترقي پاليسي انسٽيٽيوٽ جي سماجي ۽ اقتصادي سهڪار کي ساراهيو ۽ چيو ته ان موضوع تي وڌيڪ سيمينار ڪوٺايا وڃن ته جيئن ان مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي.پيپلزپارٽي ايم اين اي کدڙي فقيرن کي پيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ بنديا رانا ۽ ريم شريف جي ڪردار جي به تعريف ڪئي.