ڀارت جي شهر ممبئي ۾ طوفاني برسات ۽ تيز هوائن سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي. 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پوڻ ڪري شهر جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن.ڀارتي ميڊيا موجب تيز برسات سبب شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ۽ ڀتيون ڪري پيون، ڪيترائي گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون ۽ مختلف علائقن ۾ رستا به ويهي ويا.برسات سبب ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو، ريل گاڏين جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ آئي ۽ هزارين مسافر مختلف هنڌن تي ڦاسي پيا. ممبئي ايئرپورٽ جو رن وي به لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ لاءِ بند رهيو، جڏهن ته پوني شهر ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي رابطا رستا متاثر ٿي ويا۔