لاهور :جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور ۾ سليمان شهباز سميت ٻين جوابدارن جي بريت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. سليمان شهباز عدالت جي آڏو پيش ٿيو.ايف آءِ اي ڪيس بابت 27 سوالن جا جواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. جج بخت فخر بهزاد پڇاڻو ڪيو ته مني لانڊرنگ جي انڪوائري ڪنهن ڪئي هئي.؟ ايف آءِ اي جي وڪيل ٻڌايو ته جي آءِ ٽي انڪوائري ڪئي هئي جنهن جي سربراهي ڊاڪٽر رضوان ڪئي هئي.جج سوال ڪيو ته ايف آءِ اي پوري جاچ ۾ ڪنهن هڪ گواهه جو بيان لکيو آهي؟ ان تي ايف آءِ اي جا جاچ آفيسر خاموش ٿي ويا. عدالت سوال ڪيو ته جيڪي انڪوائري ۽ انويسٽيگيشن ۾ پنهنجو موقف تبديل ڪندا رهيا انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته اسان ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.جج چيو ته ڇا ايف آءِ اي جي واليم 7 ۾ ڪو ثبوت آهي؟ مون کي صحيح طريقي سان ٻڌايو، آکاڻيون نه ٺاهيو مون سڀ ڪجهه پڙهي ورتو آهي. مان هن وقت ئي سڀني ايف آءِ اي وارن کي جيل اماڻي ڇڏيندس. ياد رکو مون کي جواب گهرجي ته چالان سان گڏ ڏوهه جو ڪهڙو ثبوت هو؟سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته ڪيس ٺهي ئي نٿو پوءِ به ڪيس ٺاهيو ويو. عدالت چيو ته اهو ٻڌايو ته ڪنهن جي دٻاءُ تي ڪيس ٺاهيو ويو.پراسيڪيوٽر چيو ته سڌو سنئون شاهديون موجود نه آهن جيڪي اڪائونٽ کوليا ويا ان جي روشني ۾ سليمان شهباز کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو. عدالت سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي ان ڪيس جي جاچ جو اختيار هو؟ اڳوڻي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته مني لانڊرنگ ايڪٽ جي تحت اها انڪوائري ڪئي وئي.عدالت پڇيو ته ڇا ڪنهن اداري اوهان کي ڪا شڪايت ڪئي؟ پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ايف آءِ اي وٽ اختيار آهن ته هو مني لانڊرنگ جي انڪواري ڪري سگهي ٿو.اڳوڻي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته کنڊ انڪوائري ڪميشن جي روشني ۾ اسان اها ڪارروائي ڪئي.عدالت سوال ڪيو ته ڪيترين شگرملز ۾ ملوث هئا؟ ان تي اڳوڻي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته پاڪستان جي سمورين شوگرملز خلاف انڪوائري ڪئي وئي. جهانگير ترين، خسرو فيملي ۽ شريف فيملي جي شوگر ملز خلاف اڳوڻي وفاقي حڪومت ڪارروائي جو چيو هو.عدالت سوال ڪيو ته خسرو فيملي ۽ جهانگير ترين جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ اڳوڻي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته مان ان ڪيسز جي ٿيندڙ جاچ ۾ شامل نه هئس ان لاءِ نٿو ٻڌائي سگهان.عدالت سوال ڪيو ته اوهان ڪهڙي بنياد تي اهو ڪيس داخل ڪيو هو؟ اڳوڻي ايف آءِ اي جي آفيسر چيو ته گڏيل جاچ ٽيم استغاثه داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. گهٽ پگهار تي ماڻهو رکيل هئا. اهڙي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.جنهن کان پوءِ عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز سميت سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهين دوران سليمان شهباز چيو ته ڪيس 7 سالن تائين هلندو رهيو. الله جو شڪر آهي ته حقيقتون عوام جي سامهون اچي ويون. اڄ الله جي فضل ڪرم سان اسان سرخرو ٿي وياسين.