ميپڪو ٻن سالن ۾ خساري مان نڪري منافعي واري ڪمپني بڻجي وئي

ملتان: ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) گذريل ٻن سالن دوران مالي ڪارڪردگي بهتر بڻائيندي 36 ارب رپين جي خساري مان نڪري هڪ ارب 5 ڪروڙ رپين جو منافعو حاصل ڪيو آهي.

پاور ڊويزن جي ترجمان موجب لائين لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي جي بلن جي وصولي ۾ واڌ، بجلي چوري خلاف ڪارروائين، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مؤثر نگراني سبب ميپڪو 37 ارب رپين کان وڌيڪ مالي بهتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.