نئين مالي سال جي شروعات سان حڪومت ملڪيت مالڪن لاءِ به پراپرٽي ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نئين بجيٽ تحت پراپرٽي ٽيڪس تي ڏنل رعايت گهٽائي وئي آهي، جنهن بعد ايڪسائيز کاتو پهرين جولاءِ کان نظرثاني ڪيل شرح موجب ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي.حڪومت گاڏين جي ٽوڪن ٽيڪس ۾ 50 سيڪڙو تائين واڌ سان گڏ پراپرٽي ٽيڪس تي موجود 75 سيڪڙو رعايت گهٽائي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته مؤثر ٽيڪس وصولي جي شرح 25 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. حڪومت هن مد ۾ 124 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر ڪيو آهي.ايڪسائيز کاتي آن لائن ادائيگي لاءِ اي پے نظام لازمي قرار ڏيندي جلد ادائيگي ڪندڙ شهرين لاءِ رعايتن جو به اعلان ڪيو آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن اندر گاڏي جو ٽوڪن ٽيڪس ادا ڪندڙن کي 10 سيڪڙو، جڏهن ته پهرين ٽن مهينن اندر پراپرٽي ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن کي 5 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي.