نئين خانگي ايئرلائن ’سائوٿ ايئر‘ کي ايئر آپريٽرز سرٽيفڪيٽ جاري

سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) نئين خانگي ايئرلائن سائوٿ ايئر کي ايئر آپريٽرز سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ايئرلائن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجو فلائيٽ آپريشن شروع ڪندي.سرٽيفڪيٽ ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي نادر شفيع ڊار جي صحيحن سان جاري ڪيو ويو، جڏهن ته وزارت دفاع ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي ان عمل دوران مڪمل سهڪار فراهم ڪيو.ڊي جي نادر شفيع ڊار چيو ته ملڪ جي هوابازي شعبي جي ترقي لاءِ سي اي اي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.سائوٿ ايئر پاڪستان جي سمورن ايئرپورٽن لاءِ پروازون هلائيندي. ايئرلائن ان کان اڳ نيو گوادر ايئرپورٽ ۽ سکر ايئرپورٽ لاءِ ڪامياب ٽيسٽ فلائيٽون پڻ هلائي چڪي آهي، جن دوران سول ايوي ايشن جي انسپيڪٽرن پروازن جو تفصيلي جائزو ورتو.