نادرا شهرين جي سهولت لاءِ شناختي ڪارڊ تي پتو تبديل ڪرڻ جو آسان طريقو جاري ڪيو آهي. ان حوالي سان هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مڪمل طريقيڪار ٻڌايو ويو آهي.نادرا موجب نه صرف مستقل پتو پر ڪرائي جي گهر ۾ رهندڙ شهري به آساني سان پنهنجو عارضي پتو تبديل ڪرائي سگهن ٿا.ڪرائي جي گهر لاءِ ضروري دستاويز:ڪرائي نامو (Rent Agreement) جي ڪاپيجلي جي بل جي ڪاپيجيڪڏهن مستقل پتو به تبديل ڪرائڻو هجي:
مالڪ مڪان جو حلف نامو (Affidavit)جنهن ۾ مالڪ تصديق ڪري ته هن گهر کي ڪرائي تي ڏنو آهي ۽ شناختي دستاويزن ۾ پتو تبديل ڪرڻ تي کيس ڪو اعتراض ناهي.جيڪڏهن گهر پنهنجو هجي:
ملڪيت جا اصل ڪاغذ پيش ڪرڻا پوندا
نادرا آفيس ۾ اهي دستاويز اسڪين ڪيا ويندا
فوٽو ڪاپي جي ضرورت ناهي هوندي