سياحتي علائقي ناران ۾ درياءِ ڪنهار تي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش دوران سرگودها سان تعلق رکندڙ چئن دوستن جي ويگو گاڏي تيز وهڪري ۾ وهي وئي، جڏهن ته رافٽنگ ٽيم بروقت ڪارروائي ڪندي سڀني ڄڻن کي محفوظ طور بچائي ورتو.
ڊي ايس پي صداقت خان موجب، چئن دوستن ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ لاءِ پنهنجي ويگو گاڏي درياءِ ڪنهار مان پار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گاڏي تيز لهرن جي ور چڙهي وئي.واقعي واري هنڌ موجود رافٽنگ ٽيم فوري ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪندي گاڏي ۾ سوار چئن ئي سياحن کي محفوظ ٻاهر ڪڍي ورتو، جڏهن ته وهندڙ گاڏي کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ڊي ايس پي صداقت خان سياحن کي اپيل ڪئي ته هو تفريحي هنڌن تي صرف قدرتي حسن ۽ ٿڌي موسم مان لطف اندوز ٿين ۽ ممنوعه هنڌن تي غير ضروري مهم جوئي ڪري پنهنجي زندگين کي خطري ۾ نه وجهن.هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جبلن تي برف تيزي سان ڳري رهي آهي، جنهن سبب دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو اوچتو وڌي وڃي ٿو، جيڪو ڪنهن به وقت انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.