نصيرآباد : ۾ باڊهه جي رهواسين زال، مڙس ۽ معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي بااثرن ۽ باڊهه پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو.ان موقعي تي گداحسين ڀٽي سندس جي گهرواري صدره خاتون دانهيندي چيو ته منهنجي مڙس ۽ بااثرن حاجي بند علي ڀٽي، فتح علي، نور حسين ۽ حامد علي سان معمولي ڳالھ تي منهن ماري ٿي پئي، جنهن تي هنن اسان جي گهر کي ساڙي اسان مٿان تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آھي. ٽن ڏينهن کان باڊهه ٿاڻي جا ڌڪا کائي رهيا آھيون پر باڊهه پوليس انهن بااثرن جي وانگارو بڻيل آھي، الٽو اسان جي ڀاءُ رياض احمد کي گرفتار ڪري ڇڏيو آھي. هن وقت اسان گهر کان بي گهر ٿي ويا آھيون، نصيرآباد جي نيڪ مرد سرائي ۽ نواز علي ڪلھوڙو جي ڳوٺ ۾ پناهه ورتي آھي، بااثر ماڻھن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون.
هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي انصاف ڪن.